1 Thessalonians 2:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اي ڀائرو، يسوع مسيح ۾ جيڪي خدا جون ڪليسيائون يهوديہ ۾ آهن، تن جا اوهين پوئلڳ ٿيا: هن ڪري جو اوهان بہ پنهنجن هم وطن ماڻهن کان ساڳيون اُهي تڪليفون سَٺيون، جي هنن يهودين کان سَٺيون؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھموطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ايشور جي انهن منڊلين جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ يسوع مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هموطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن منڊلين پنهنجي هموطن يهودين کان سٺيون هيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين خدا جي انهن ڪليسيائن جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ عيسيٰ مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هموطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن ڪليسيائن پنهنجي هموطن يهودين کان سٺيون هيون.