1 Thessalonians 2:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھي اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو ڪلام نہ ٻڌايون. اھڙيءَ طرح اھي پنھنجن گناھن جي گھَڙي کي ھميشہ ڀريندا ٿا رھن. پر نيٺ انھن تي خدا جو ڀرپور غضب اچي ڪڙڪيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن مڪتيءَ جو سنديش ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن پاپن جي ڀريل مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ ايشور جو ڏمر انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن ڇوٽڪاري جو پيغام ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن گناهن جي ٽمٽار مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ خدا جو غضب انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.