1 Thessalonians 2:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو اوھان کي خبر آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خوشامند جي ڳالھہ نہ ڪئي آھي ۽ نہ ڪنھن ڳالھہ کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون. انھيءَ جو خدا شاھد آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. ايشور انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. خدا انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.