1 Thessalonians 2:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوهان تي بار وجهي ٿي سگهياسين، پر تڏهن بہ اسان ماڻهن کان عزت ڪانہ گهُري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسان ماڻھن کان پنھنجي تعريف ڪرائڻ نہ گھري، نہ اوھان کان، نہ ئي ڪنھن ٻئي کان، جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوھان تي اھڙو بار وجھي ٿي سگھياسين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسان ماڻهن کان پنهنجي ساراهہ ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسان ماڻهن کان پنهنجي تعريف ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا رسول هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.