1 Thessalonians 3:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اسين رات ۽ ڏينهن تمام گهڻي دعا ٿا گهُرون تہ شل اوهان جو منهن ڏسون، ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گهٽتائي هجي، سا پوري ڪريون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين رات ڏينھن تمام گھڻي دعا گھرندا ٿا رھون تہ شل وري اوھان جو منھن ڏسون ۽ اوھان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آھي سا پوري ڪريون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين رات ڏينهن تن ۽ من سان پرارٿنا ڪندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي وشواس ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين رات ڏينهن دل وَ جان سان دعا گھرندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.