1 Thessalonians 3:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ تيمٿيس، جو اسان جو ڀاءُ، ۽ مسيح جي خوشخبريءَ ۾ خدا جو خادم آهي، تنهن کي موڪليوسين تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ اوهان جي ايمان جي نسبت ۾ اوهان کي تسلي ڏئي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو تيمٿيس، جيڪو اسان جي ڀاءُ ۽ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ خدا سان گڏ ڪم ڪندڙ آھي، تنھن کي اوھان ڏانھن موڪليوسين، انھيءَ لاءِ تہ ھو اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ ان جي باري ۾ اوھان کي ھمتائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو وشواسي ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ايشور جو سيواداري آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر تيمٿيس کي اوهان ٿِسلُنيڪين ڏانهن موڪليون. اهو اسان جو هم‌ايمان ڀاءُ ۽ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ خدا جو خادم آهي. اسان انهيءَ لاءِ کيس موڪليو هو تہ هو اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري ۽ همتائي،