1 Thessalonians 3:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
بلڪ جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اسان اوهان کي اڳيئي چيو هو تہ اسان کي مصيبت سَهڻي پوندي؛ جيئن ڪ سچ پچ ٿي چڪو، ۽ اوهان کي خبر بہ آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
حقيقت ۾ جڏھن اسين اوھان وٽ ھئاسين تڏھن اوھان کي اڳي ئي چيو ھوسين تہ اسان کي مصيبت سھڻي پوندي. اوھين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين تڏهن اوهان کي اڳواٽ ئي بار بار چيو هوسين تہ اسان وشواسين کي ستايو ويندو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين تڏهن اوهان کي اڳواٽ ئي بار بار چيو هوسين تہ اسان ايمان وارن کي ستايو ويندو. اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ ائين ئي ٿيو.