1 Thessalonians 3:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇوتہ جيڪا خوشي اوهان جي لاءِ پنهنجي خدا جي اڳيان اسان کي حاصل ٿي آهي، انهيءَ جي لاءِ ڪهڙيءَ طرح خدا جي شڪرگذاري ادا ڪري سگهنداسين؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسان کي پنھنجي خدا جي آڏو اوھان جي ڪري ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آھي. انھيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪھڙيءَ طرح اوھان لاءِ خدا جي شڪرگذاري ادا ڪريون؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي ايشور جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ ايشور جو شڪر ادا ڪريون!
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان جي ڪري اسان کي پنهنجي خدا جي آڏو ڪيڏي نہ خوشي حاصل ٿي آهي! انهيءَ خوشيءَ جي ڪري اسين ڪهڙيءَ طرح اوهان لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪريون!