1 Thessalonians 4:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خداوند يسوع ۾ عرض ٿا ڪريون، ۽ نصيحت ٿا ڏيون، تہ جهڙيءَ طرح اوهان کي اسان کان مناسب هلت چلت ڪرڻ، ۽ خدا کي خوش ڪرڻ جي تعليم ملي، جهڙي طرح اوهين هلو بہ پيا، تهڙيءَ طرح شل اوهين ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مطلب تہ، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان اوھان کي سيکاريو ھو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي. سچپچ تہ اوھين اھڙي زندگي گذاري بہ رھيا آھيو. ھاڻي اسين اوھان کي خداوند عيسيٰ جي نالي تي منٿ ٿا ڪريون ۽ نصيحت ٿا ڏيون تہ اوھين انھيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ پرڀو يسوع ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ ايشور کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن جيون گذارجي، جيڪو اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون ۽ خداوند عيسيٰ ۾ تاڪيد ٿا ڪريون تہ جيئن اسان اوهان کي سيکاريو هو تہ خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيئن زندگي گذارجي، جيڪا اوهين سچ پچ گذاري بہ رهيا آهيو، تيئن هاڻي اوهين انهيءَ ۾ اڃا بہ وڌندا وڃو.