1 Thessalonians 4:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اي ڀائرو، اسان جي مرضي ناهي تہ جيڪي گذر ڪري ويا آهن، تن جي نسبت ۾ اوهين غير واقف رهو؛ تہ متان اوهين بہ انهن وانگر غمگين ٿيو، جن کي اُميد ئي ڪانهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين نہ ٿا چاھيون تہ جيڪي مري ويا آھن تن بابت اوھين بي⁠خبر رھو، يا انھن وانگر غمگين ٿيو جن کي اميد ئي ڪانھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي وشواسي قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي ايمان وارا قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.