1 Thessalonians 4:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خداوند پاڻ آسمان مان وڏيءَ للڪار سان ۽ وڏي ملائڪ جي آواز سان لهندو ۽ خدا جي تري وڄندي؛ ۽ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ گذر ڪري ويا آهن سي پهرين اُٿندا:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو وڏي واڪي سان، وڏي ملائڪ جي آواز سان ۽ خدا جي بگل وڄڻ سان خداوند پاڻ آسمان مان ھيٺ لھندو. پوءِ جيڪي مسيح جي ايمان ۾ مري ويا آھن سي پھريائين جي اٿندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو دوتن جي سردار جي آواز سان ۽ ايشور طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت پرڀو يسوع وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آڪاش مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي وشواس رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيوت ٿي اٿندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو ملائڪن جي سردار جي آواز سان ۽ خدا طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت خداوند عيسيٰ وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آسمان مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي ايمان رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيئرا ٿي اٿندا.