1 Timothy 1:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن بہ انهي سبب ڪري مون تي رحم ٿيو، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو وڏو فضل ظاهر ڪري، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ جي لاءِ مٿس ايمان آڻيندا، تن جي لاءِ آئون هڪڙو نمونو ٿيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر مون تي انھيءَ ڪري رحم ٿيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنھگار ۾ پنھنجو بيانتھا تحمل ظاھر ڪري ۽ آءٌ انھن لاءِ نمونو ٿيان، جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ سبب ئي ايشور مون تي ديا ڪئي تہ جيئن يسوع مسيح مون وڏي پاپيءَ ۾ پنهنجي پوري پوري بردباري ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس وشواس آڻي امر جيون حاصل ڪندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ سبب ئي خدا مون تي رحم ڪيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو پورو پورو تحمل ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.