1 Timothy 1:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نڪي انهن آکاڻين ۽ بي انتها نسب نامن تي خيال ڊوڙائين، جن جي ڪري خدا جي انهي انتظام جي خبر نٿي پوي جو ايمان تي منحصر آهي، پر اُٽلندو تڪرار پيدا ٿا ٿين،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
نڪي انھن ڪوڙين آکاڻين ۽ بي⁠انتھا نسب⁠نامن تي ڌيان ڏين. اھي رڳو تڪرار جو باعث ٿين ٿا، نہ خدا جي انھيءَ انتظام جو جيڪو ايمان تي منحصر آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ ابن ڏاڏن جي بي‌انت فهرستن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ ايشور جي انهيءَ انتظام جو جيڪو وشواس رکڻ تي دارومدار رکي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
نڪي هٿرادو ڪهاڻين ۽ بي‌انتها نسب‌نامن تي ڌيان ڏين. اهي رڳو تڪرار جو سبب بڻجن ٿا، نہ خدا جي انهيءَ انتظام جو جيڪو ايمان رکڻ تي دارومدار رکي ٿو.