1 Timothy 1:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اهو سمجهي تہ شريعت راستباز ماڻهن جي لاءِ نہ، پر بي دينن ۽ گنهگارن جي لاءِ، ناپاڪن ۽ لُچن ۽ ماءُ پيءُ جي قاتلن ۽ خونين جي لاءِ،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين ھي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻھن لاءِ نہ ٺھي آھي. پر اھا نافرمانن ۽ فسادين، بدڪارن ۽ گنھگارن، ناپاڪن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انھن لاءِ ٺھي آھي جيڪي پيءُ ۽ ماءُ جا قاتل آھن ۽ جيڪي خوني آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ نيم نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهيو آهي. پر اهو نافرمانن ۽ فسادين، بيڌرمين ۽ پاپين، ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙن ۽ ايشور جي نندا ڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهيو آهي جيڪي ماتا پتا کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهي آهي. پر اها نافرمانن ۽ فسادين، بيدينن ۽ گنهگارن، خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهي آهي جيڪي ماءُ پيءُ کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.