1 Timothy 2:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ شاهديءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي سکيا ڏيان تہ جيئن اهي وشواس آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ شاهديءَ جو منادي ڪندڙ ۽ رسول مون کي مقرر ڪيو ويو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ غير قومن کي تعليم ڏيان تہ جيئن اهي ايمان آڻي سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان.