1 Timothy 3:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.