1 Timothy 4:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن تون ڀائرن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندين تہ تون مسيح يسوع جو چڱو خادم ٿيندين، ۽ انهي ايمان ۽ چڱي تعليم جي وسيلي پرورش پائيندين، جن تي اڄ تائين تون پئي هليو آهين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تون ايمان وارن کي اھي ڳالھيون ياد ڏياريندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ٿيندين. انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڳالھين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون ھلندو رھيو آھين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن تون وشواسين کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ يسوع مسيح جو سٺو سيواداري ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ وشواس وارين ڳالهين ۽ سٺي سکيا سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن تون ايمان وارن کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندو رهندين تہ عيسيٰ مسيح جو سٺو خدمتگار ثابت ٿيندين. انهيءَ سان گڏ ايمان وارين ڳالهين ۽ سٺي تعليم سان پرورش پائيندين، جن تي تون هلندو رهيو آهين.