1 Timothy 5:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جوان بيوهہ زالن کي داخل نہ ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو مسيح جي برخلاف جسماني خواهش جي تابع ٿيون ٿين، تڏهن شادي ڪرڻ ٿيون گهُرن؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جوان رنن⁠زالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جوان وڌوائن کي انهيءَ ياداشت نامي ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪي پنهنجي شرير جي خواهشن جي وس هيٺ ٿي ڪري شادي ڪرڻ گھرن ٿيون، تڏهن ياداشت نامي ۾ داخلا وقت مسيح سان ڪيل وچن ٽوڙي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب ٿيون بڻجن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جوان رنن‌زالن کي انهيءَ فهرست ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪي پنهنجي نفساني خواهشن جي تابع ٿي شادي ڪرڻ گھرن ٿيون، تڏهن فهرست ۾ داخلا وقت مسيح سان ڪيل واعدو ٽوڙي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو سبب ٿيون بڻجن.