1 Timothy 5:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ جوان بيوهہ زالون ڀلي تہ شادي ڪن، ۽ ٻار ڄڻين، ۽ گهر گهاٽ هلائين، ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجهہ نہ ڏين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري آءٌ جوان رننزالن کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڀلي شادي ڪن، ٻار ڄڻين، پنھنجا گھر سنڀالين ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان وڌوائون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ڦٽ لعنت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ جوان رنونزالون شادي ڪن، ٻار ڄڻين ۽ پنهنجا گھر سنڀالين. اهڙيءَ طرح اهي ڪنهن مخالف کي اسان تي ملامت ڪرڻ جو وجھہ نہ ڏين.