1 Timothy 5:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪنهن ايمان واريءَ زال وٽ ڪي بيواهہ زالون هجن تہ اها ڀلي انهن جي پرگهور لهي، پر ڪليسيا تي انهن جو بار پوڻ نہ کپي؛ تہ جيئن ڪليسيا انهن جي مدد ڪري، جي سچ پچ بيوهہ آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪنھن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ رنونزالون ھجن، تہ اھا ئي سندن پرگھور لھي ۽ ڪليسيا تي انھن جو بار پوڻ نہ کپي، انھيءَ لاءِ تہ ڪليسيا انھن رننزالن جي مدد ڪري سگھي جيڪي نڌڻڪيون آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ناريءَ جي گھراڻي ۾ ڪي وڌوائون هجن، تہ اها ئي سندن پرگھور لهي. منڊليءَ تي انهن جو بار نہ پوڻ کپي، تہ جيئن منڊلي انهن وڌوائن جي پرگھور لهي سگھي جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪنهن ايمان واري عورت جي گھراڻي ۾ ڪي رنونزالون هجن، تہ اها ئي سندن پرگھور لهي. ڪليسيا تي انهن جو بار نہ پوڻ کپي، تہ جيئن ڪليسيا انهن رننزالن جي پرگھور لهي سگھي جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.