1 Timothy 5:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي اڳواڻ منڊليءَ جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي پرچار ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي مان‌سمان سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.