1 Timothy 5:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
بيوهہ زالن جي ياداشت ۾ انهيءَ جو نالو داخل ٿيڻ گهرجي جا سٺ ورهين کان عمر ۾ ننڍي نہ هجي، ۽ هڪڙي ئي مڙس جي زال ٿي رهي هجي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
رنن⁠زالن جي ياداشت ۾ انھيءَ رن⁠زال جو نالو لکيو وڃي، جنھن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ ھجي ۽ جيڪا رڳو ھڪڙي مڙس جي زال ٿي رھي ھجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وڌوائن جي ياداشت نامي ۾ انهيءَ وڌوا جو نالو داخل ڪيو وڃي، جنهن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ هجي ۽ پنهنجي پتيءَ سان وفادار ٿي رهي هجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
رنن‌زالن جي فهرست ۾ انهيءَ رن‌زال جو نالو داخل ڪيو وڃي، جنهن جي عمر سٺ سالن کان گھٽ نہ هجي ۽ پنهنجي مڙس سان وفادار ٿي رهي هجي.