1 Timothy 6:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اي ايشور جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، ڌرمچاريءَ، وشواس، پريم، ثابت قدميءَ ۽ نمرتا جو ڳولائو رهجانءِ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ.