1 Timothy 6:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جنهن کي اهو مناسب وقت تي ظاهر ڪندو، جو سڳورو ۽ واحد بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا پنھنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاھر ڪندو، اھو خدا جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آھي. اھو ئي بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور پنهنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاهر ڪندو. هائو، اهو ئي ايشور مسيح کي ظاهر ڪندو جيڪو وڏيءَ مهما وارو ۽ اڪيلو حاڪم آهي ۽ جيڪو راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا پنهنجي مقرر وقت تي مسيح کي ظاهر ڪندو. هائو، اهو ئي خدا مسيح کي ظاهر ڪندو جيڪو سڳورو ۽ واحد حاڪم آهي ۽ جيڪو بادشاهن جو بادشاهہ ۽ خداوندن جو خداوند آهي.