1 Timothy 6:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙن بدنيت ماڻھن جي وچ ۾ سدائين اڻ⁠بڻت پيدا ٿيندي ٿي رھي. اھي سچ کان محروم آھن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ ڌرمچاريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ دينداريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.