1 Timothy 6:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪي ماڻھو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۽ ڦندي ۾ ۽ گھڻين بيوقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواھشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن. اھي خواھشون ماڻھن کي تباھيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي مورکتا ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بيوقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.