2 Chronicles 10:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن هدورام، جو ڀرتي ڪرڻ تي مقرر هو، تنهن کي بادشاهہ رحبعام موڪليو؛ ۽ بني اسرائيل انهيءَ کي پٿرن سان سنگسار ڪيو، جنهنڪري هو مري ويو. تنهن تي بادشاهہ رحبعام تڪڙو ٿي پنهنجيءَ گاڏيءَ تي چڙهيو، ۽ يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ بادشاهہ رحبعام بيگارين جي نگران ادونرام کي بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏانهن موڪليو، پر هنن کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏيو. انهيءَ تي بادشاهہ رحبعام تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي يروشلم ڏانهن ڀڄي ويو.