2 Chronicles 12:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تڏهن خداوند جو ڪلام سمعياہ تي نازل ٿيو تہ ڇالاءِ جو هنن پاڻ کي نماڻو ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ هنن کي ناس نہ ڪندس پر آءٌ هنن کي ڪجهہ ڇوٽڪارو ڏيندس، ۽ منهنجي ڪاوڙ سيسق جي هٿان يروشلم تي نازل نہ ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن خداوند ڏٺو تہ هنن ڪنڌ کڻي جھڪايو آهي تڏهن سمعياہ سان ڳالهائيندي کيس فرمايائين تہ ”جيئن تہ هنن ڪنڌ کڻي جھڪايو آهي تنهنڪري آءٌ کين ناس نہ ڪندس پر ساڻن ڪجھہ رعايت ڪندس. منهنجي ڪاوڙ سيساق جي معرفت يروشلم تي نہ ڪڙڪندي.