2 Chronicles 13:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اهي ڏهاڙي صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون، ۽ لوبان ساڙين ٿا: ۽ نذر جي ماني بہ هو پاڪ ميز تي ٺاهي ٿا رکن؛ ۽ سون جو شمعدان ڏيئن سميت هر روز شام جو ٿا ٻارين: ڇالاءِ جو اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ٿا ڪريون؛ پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي روزانو صبح جو ۽ شام جو خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندا آهن ۽ لوبان ساڙيندا آهن. هو نذراني وارا روٽ بہ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٺاهي سنواري رکندا آهن ۽ سوني شمعدان ۾ رکيل ڏيئا هر روز شام جو ٻاريندا آهن. اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي قائم آهيون، پر اوهان هن کي ڇڏي ڏنو آهي.