2 Chronicles 13:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏسو، خدا اسان ساڻ آهي، ۽ اسان جو سردار آهي، ۽ هن جا ڪاهن اوهان جي برخلاف زور سان قرنائون وڄائڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اي بني اسرائيليو، خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو؛ ڇالاءِ جو اوهين فتحياب نہ ٿيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند اسان سان گڏ آهي، هو اسان جو رهبر آهي. هن جا ڪاهن جنگي توتارا وڄائي اوهان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪندا. اي اسرائيل وارؤ! خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سوڀ نہ ماڻيندا.“