2 Chronicles 14:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ آسا ۽ جيڪي ساڻس ماڻهو هئا، سي هنن جي پٺيان جرار تائين ويا: ۽ حبشين مان ايترا ماڻهو مئا جو هو وري پاڻ سنڀالي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي اڳيان ۽ سندس لشڪر جي اڳيان ناس ٿي ويا؛ ۽ هنن تمام گهڻو لٽ جو مال هٿ ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آسا ۽ سندس لشڪر جرار شهر تائين هنن جو پيڇو ڪيو. سوڊانين جا ايترا تہ ماڻهو ماريا ويا جو هو وري پاڻ سنڀالي نہ سگھيا. هو خداوند ۽ سندس لشڪر جي هٿان ناس ٿي ويا. يهوداہ وارن کي تمام گھڻو لٽ جو مال هٿ آيو.