2 Chronicles 15:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن آسا اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ عودد نبيءَ جي پيشنگوئي ٻڌائين تڏهن هن همت جهلي، ۽ يهوداہ ۽ بنيمين جي ڪل زمين مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي ڪوهستان مان ورتا هئا تن مان، ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيائين: ۽ خداوند جي قربانگاهہ جا خداوند جي دالان جي اڳيان هئي، تنهن کي وري نئين سر ٺاهيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن بادشاهہ آسا عزرياہ ولد عودد نبيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن جو حوصلو وڌيو. هن يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني علائقن مان، ۽ جيڪي شهر هن افرائيم جي جابلو علائقي ۾ قبضي ڪيا هيا تن مان ڪراهت جهڙيون مورتون ڪڍي ڇڏيون. هن خداوند جي قربان‌گاهہ جيڪا خداوند جي هيڪل جي ورانڊي جي اڳيان هئي، تنهن جي بہ مرمت ڪرائي.