2 Chronicles 18:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ جيڪو قاصد ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو، تنهن هن کي چيو تہ ڏس، سڀ نبي بالاتفاق بادشاهہ کي خوشخبري ٿا ڏين: تنهنڪري ڀلائي ڪري تون بہ انهن جهڙي ڳالهہ ڪج ۽ چڱي خبر ڏج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هوڏانهن جيڪو عملدار ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو، تنهن وڃي ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڏس، سڀيئي نبي يڪ زبان ٿي بادشاهہ کي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٿا ڏين، سو ڀلائي ڪري تون بہ انهن جهڙي ڳالهہ ڪج ۽ بادشاهہ کي فتح جي خوشخبري ڏج.“