2 Chronicles 18:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڪن ورهين کانپوءِ هو سامريہ ۾ اخي اب وٽ ويو. ۽ اخي اب هن جي لاءِ، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن لاءِ تمام گهڻيون رڍون ۽ ڏاند ڪُٺا، ۽ هن کي چوريائين تہ ساڻس گڏ رامات جلعاد ڏي هلي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪجھہ سالن کان پوءِ هو اخي‌اب سان ملڻ لاءِ سامريہ شهر ڏانهن ويو. اخي‌اب هن جي ۽ سندس ساٿين جي دعوت لاءِ تمام گھڻيون رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ذبح ڪيا. اتي هن يهوسفط کي اُڪسايو تہ هو ساڻس گڏجي جِلعاد جي علائقي ۾ رامات شهر تي چڙهائي ڪري.