2 Chronicles 18:33 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هڪڙي ماڻهوءَ اوچتو پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي تير هنيو، جو هن جي زرهہ جي سَنڌن جي وچ ۾ وڃي لڳو: جنهنڪري هن رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو هٿ ڦيرائي مون کي لشڪر مان ڪڍي ٻاهر وٺي هل؛ ڇالاءِ جو آءٌ سخت ڦٽجي پيو آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخياب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“