2 Chronicles 18:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ چار سؤ نبي گڏ ڪيا، ۽ انهن کي چيائين تہ اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن وڃون، يا آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان؟ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خدا انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ اخياب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن وڃون يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”اوهين ڀلي چڙهائي ڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خدا بادشاهہ سلامت کي انهيءَ تي فتح بخشيندو.“