2 Chronicles 18:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگهون ٿا: پر انهيءَ کي آءٌ ڌڪاريان ٿو، ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪڏهن بہ چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري، پر هميشہ خراب ٿو ڪري: اهو آهي ميڪاياہ بن املہ. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ ائين نہ چوي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اخياب يهوسفط کي وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگھون ٿا. پر آءٌ ساڻس نفرت ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشنگوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري. انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو ميڪاياہ ولد اِملہ آهي.“ يهوسفط اخياب کي وراڻيو تہ ”اوهان کي ائين نہ چوڻ گھرجي.“