2 Chronicles 2:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ دان جي ڌيئرن مان هڪڙي زال جو پٽ آهي، جنهن جو پيءُ صور جو هڪڙو ماڻهو هو، ۽ اهو سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ پٿر ۽ ڪاٺ، ۽ واڱڻائي ۽ نيلي رنگ، ۽ ڪتاني ڪپڙي، ۽ قرمزيءَ جي ڪم ۾ هوشيار آهي؛ ۽ هر ڪنهن قسم جي اُڪر اُڪرڻ ۾، ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ هوشيار آهي؛ انهيءَ کي تنهنجن هنرمند ماڻهن سان ۽ منهنجي ڌڻي دائود تنهنجي پيءُ جي هنرمند ماڻهن سان، گڏ ڪا جاءِ مقرر ڪري ڏيڻ ۾ اچي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن جي ماءُ دان جي ڪٽنب مان آهي ۽ هن جو پيءُ صُور جو رهاڪو آهي. هو سون، چانديءَ، پتل، لوهہ، پٿر ۽ ڪاٺ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، نيري، لال ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ ماهر آهي. هو هر ڪنهن اُڪر جي ڪم ۾ ۽ هر ڪنهن نئين نموني رٿڻ ۾ ماهر آهي. هو اوهان جي ڪاريگرن توڙي منهنجي آقا دائود ، اوهان جي پيءُ جي ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو.