2 Chronicles 20:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي تڏهن هن ڪي ماڻهو مقرر ڪيا تہ اهي خداوند جي اڳيان ڳائين، ۽ جيئن لشڪر جي اڳيان هلندا هلن تيئن پاڪيزگيءَ جي جمال سان تعريف ڪن، ۽ چون تہ خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري ڪي ڳائڻ وارا ماڻهو مقرر ڪيا، جيڪي لشڪر جي اڳيان اڳيان هلندي خداوند لاءِ ڳائين ۽ پاڪيزگيءَ سان سندس جمال جي واکاڻ ڪن ۽ هيئن چون تہ ” خداوند جي واکاڻ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“