2 Chronicles 20:37 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ اليعزر بن دوداواهو مريساهيءَ، يهوسفط جي برخلاف پيشنگوئي ڪئي ۽ چيائين تہ تون اخزياہ سان وڃي گڏيو آهين، تنهنڪري خداوند تنهنجا ڪم خراب ڪري ڇڏيا آهن. ۽ جهاز اهڙي طرح ڀڄي پيا جو هو ترسيس ڏي وڃي نہ سگهيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اليعزر ولد دوداواهو، جيڪو مريسہ شهر جو رهاڪو هو تنهن يهوسفط جي خلاف خدا جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”جيئن تہ تو اخزياہ سان اتحاد ڪيو آهي، سو خداوند تنهنجا ڪم بگاڙي ڇڏيندو.“ سو سندن اهي جهاز اهڙا ڀڄي ٽٽي پيا جو هو ترسيس وڃي نہ سگھيا.