2 Chronicles 21:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ايلياہ نبيءَ وٽان هن وٽ هڪڙو خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون پنهنجي پيءُ يهوسفط جي، يا يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي رستن تي نہ هليو آهين؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن الياس نبيءَ وٽان کيس هڪڙو خط مليو، جنهن ۾ لکيل هو تہ ” خداوند ، تنهنجي وڏي دائود جو خدا فرمائي ٿو تہ ’تون پنهنجي پيءُ يهوسفط توڙي يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي رستن تي نہ هليو آهين.