2 Chronicles 22:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر يهوسفط بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي پٽ يوآس کي، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا هئا، تن منجهان چورائي کڻي ويئي ۽ انهيءَ کي سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. انهيءَ طرح يهورام جي ڌيءَ يهوسبعت، جا يهويدع ڪاهن جي زال هئي، (ڇالاءِ جو هوءَ اخزياہ جي ڀيڻ هئي) تنهن هن کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيو، جنهنڪري هوءَ انهي کي ڪُهي نہ سگهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ ۽ بادشاهہ اخزياہ جي ڀيڻ جنهن جو نالو يهوسبع هو ۽ جيڪا يهويدع نالي هڪڙي ڪاهن جي زال هئي، تنهن بادشاهہ اخزياہ جي پٽن جي قتلام وقت هڪڙي پٽ يوآس کي چورائي ورتو ۽ کيس سندس دائيءَ سميت سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪايائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ کي راڻي عتلياہ کان لڪائي کيس قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو.