2 Chronicles 22:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي اخزياہ جي تباهي خدا وٽان هئي جو هو يهورام ڏي ويو هو: ڇالاءِ جو جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن هو يهورام سان گڏجي ياهو بن نمسيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪري ويو، جنهن کي خداوند اخي اب جي گهراڻي کي وڍي ڇڏڻ لاءِ مسح ڪيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يورام وٽ اچڻ جي وقت خدا جي طرفان اخزياہ جي بربادي لکجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو آيو تہ يورام سان گڏجي نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جنهن کي اڳ ۾ ئي خداوند اخياب جي گھراڻي کي برباد ڪرڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو.