2 Chronicles 22:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن اخزياہ جي ڳولا ڪئي، ۽ انهن هن کي وڃي پڪڙيو، (هاڻي هو سامريہ ۾ لڪل هو) ۽ انهيءَ کي ياهوءَ وٽ وٺي ويا ۽ قتل ڪيائونس؛ ۽ دفن ڪيائونس، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو يهوسفط جو پٽ آهي جنهن پنهنجي سڄي ساريءَ دل سان خدا کي ٿي ڳوليو. ۽ اخزياہ جي گهراڻي کي بادشاهت جي سنڀالڻ جي ڪابہ طاقت ڪانہ هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اخزياہ جي ڳولا ڪئي ويئي تہ اهو کين سامريہ ۾ مليو جتي هو لڪل هو. کيس پڪڙي ييهوءَ وٽ آندو ويو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. پوءِ اهو چئي کيس انهيءَ لاءِ دفن ڪيو ويو تہ هي بادشاهہ يهوسفط جو پوٽو آهي، جنهن پنهنجي دل وَ جان سان خدا جي فرمانبرداري ڪئي هئي. اخزياہ جي گھراڻي ۾ ڪوبہ باقي نہ رهيو جيڪو بادشاهت هلائي سگھي.