2 Chronicles 23:18 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ يهويدع خداوند جي گهر جو ڪم انهن لاوي ڪاهنن جي هٿ هيٺ رکيو، جن کي دائود خداوند جي گهر ۾ انهيءَ لاءِ ورهائي ڇڏيو هو، تہ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، تيئن خوشين ڪرڻ سان، ۽ ڳائڻ سان، دائود جي حڪم موجب ادا ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ يهويدع هيڪل جي ڪم تي انهن ڪاهنن ۽ لاوين کي ئي مقرر ڪيو، جن جي ڪٽنبن کي دائود خداوند جي گھر ۾ ڪم ورهائي ڏنا هئا، تان‌تہ اهي موسيٰ جي شريعت مطابق خداوند لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ دائود جي حڪم مطابق خوشيون ڪندي عبادت ۾ رهنمائي ڪن ۽ ڳائن وڄائن.