2 Chronicles 23:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن لاوين ۽ يهوداہ جي ماڻهن ائين ڪيو، جيئن يهويدع ڪاهن حڪم ڪيو هون: ۽ انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجا اهي ماڻهو پاڻ سان گڏ ڪيا جي سبت جي ڏينهن اندر اچڻا هئا، ۽ اهي جي سبت جي ڏينهن ٻاهر وڃڻا هئا؛ ڇالاءِ جو يهويدع ڪاهن ترتيبوار حصن کي موڪل نہ ڏني هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو لاوين ۽ يهوداہ وارن سڀني ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. سڀني سالارن پنهنجا پنهنجا اهي ماڻهو گڏ ڪيا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تي چڙهڻا هئا يا اهي جيڪي ڪم تان لهڻا هئا، ڇاڪاڻ تہ يهويدع ڪاهن ڪنهن کي بہ هيڪل کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل نہ ڏني هئي.