2 Chronicles 24:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها صندوق لاوين جي هٿان بادشاهہ جي ڪچهريءَ ۾ پهتي، ۽ جڏهن هنن ڏٺو تہ پئسا تمام گهڻا آهن، تڏهن بادشاهہ جي محرر ۽ سردار ڪاهنن جي عملدار اچي پيتي خالي ڪئي، ۽ اها وري کڻي پنهنجي جاءِ تي رکي ڇڏيائون. انهيءَ طرح هو روز بروز ڪندا رهيا ۽ تمام گهڻي رقم گڏ ڪيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جڏهن اها پيتي لاوين جي هٿان بادشاهہ جي مقرر عملدارن وٽ آندي ويئي تڏهن هنن ڏٺو تہ انهيءَ ۾ تمام گھڻا پئسا پيل هئا. سو بادشاهہ جي محرر ۽ سردار ڪاهن جي مددگار اندر اچي اها پيتي خالي ڪئي. پوءِ اها وري کڻي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح اهي اڪثر ائين ڪندا رهيا ۽ تمام گھڻي رقم گڏ ڪيائون.