2 Chronicles 24:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ خدا جو روح زڪرياہ بن يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو؛ ۽ هو ماڻهن کان مٿي بيهي چوڻ لڳو تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ڇو خداوند جي حڪم عدولي ٿا ڪريو، جو سکيا گذاري نٿا سگهو، ۽ ڇالاءِ جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري هن بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن خداوند جو روح زڪرياہ ولد يهويدع ڪاهن تي نازل ٿيو ۽ هو ماڻهن جي اڳيان مٿاهين جاءِ تي بيهي کين چوڻ لڳو تہ ” خداوند ٿو فرمائي تہ ’اوهين مون خداوند جي حڪم جي نافرماني ڇو ٿا ڪريو؟ ڇو اوهين پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا وجھو؟ جيئن تہ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري مون بہ اوهان کي ڇڏي ڏنو.‘“