2 Chronicles 24:23 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سال جي پوري ٿيڻ تي هيئن ٿيو تہ ارامين جو لشڪر هن تي چڙهي آيو: ۽ هو يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا، ۽ ماڻهن منجهان انهن جا سڀ سردار ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ انهن جو سڀ لٽ جو مال دمشق جي بادشاهہ ڏي ڏياري موڪليائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ سال جي پوري ٿيڻ تي ارام جو لشڪر يهوداہ تي چڙهائي ڪري آيو. هنن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اهي اڳواڻ جيڪي کين هٿ آيا، تن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄو مال لُٽي ارام جي بادشاهہ ڏانهن دمشق ۾ ڏياري موڪليائون.