2 Chronicles 25:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن امصياہ ادومين جي ڪوس ڪرڻ کان واندو ٿي آيو، تڏهن هن بني شعير جا معبود پاڻ سان آندا، ۽ انهن کي پنهنجا معبود ڪري رکيائين، ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪيائين، ۽ انهن جي لاءِ لوبان ساڙيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هيڏانهن جڏهن امصياہ ادومين کي قتل ڪري واپس موٽيو، تڏهن پاڻ سان گڏ ادومين جي ديوتائن وارا بت کڻي آيو ۽ انهن کي پنهنجا معبود بڻائي رکي ڇڏيائين. هن انهن کي سجدو ڪيو ۽ انهن لاءِ قربانيون ڪيائين.